سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ لاءِ 20 هين اپريل جي تاريخ رکي ڇڏي آهي

Panama-case-18417

 سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ لاءِ 20 هين اپريل جي تاريخ رکي ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ پاران هلندڙ هفتي جي لاءِ جاري ڪيل سپليمينٽري ڪاز لسٽ ۾ پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ لاءِ منجهند جو 2 وڳي جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ پاران هلندڙ هفتي جي ڪيسز جي ٻڌڻين لاءِ جاري ڪيل سپليمينٽري ڪاز لسٽ ۾ پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ لاءِ تاريخ ۽ وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ جي سپليمينٽري لسٽ ۾ پاناما ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو 20 هين اپريل تي ٻڌائڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن موجب ڪيس جو فيصلو خميس ڏينهن منجهند جو 2 وڳي ٻڌايو ويندو.

پاناما ڪيس جي ٻئي مرحلي جي ٻڌڻين بعد سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ پاران 23هين فيبروري 2017 تي محفوظ ڪيو ويو هو.

پاناما ليڪس جي منظر تي اچڻ بعد پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پاران 3 ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون ويون، جن ۾ وزيراعظم نواز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي نَياڻَي ڪئپٽن صفدر، نيب ۽ ايف بي آر جي چيئرمينز کي ڌر بڻايو ويو هو.

پاناما ڪيس جون شروعاتي ٻڌڻيون سپريم ڪورٽ جي ان وقت جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ قائم لارجر بئنچ ڪيون، جنهن ۾  جسٽس اعجاز افضل، جسٽس گلزار احمد،جسٽس عظمت سعيد شيخ ۽ جسٽس اعجاز الحسن شامل هئا.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ جوڙيل لارجر بئنچ جي آخري ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمنٽ ويجهو هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ جوڙڻ جو حڪم ڏنو.

جنهن بعد سپريم ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس پاران سينئر جج جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي لارجر بئنچ جوڙي، جنهن آڏو نواز شريف پاران مخدوم علي خان،مريم صفدر، ڪئپٽن صفدر ۽ اسحاق ڊار پاران شاهد حامد وڪيل طور پيش ٿيا، وزيراعظم نوازشريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز پاران راجا سلمان اڪرم عدالت آڏو پيش ٿيا.

پاناما ڪيس جي ٻڌڻين دوران درخواست گذار عمران خان جو وڪيل نعيم بخاري، جماعت اسلامي پاران توفيق آصف وڪيل طور پيش ٿيا جڏهن ته شيخ رشيد پاڻ عدالت آڏو پيش ٿي موقف پيش ڪيو.

پاناما ڪيس جي ٻئي مرحلي جي ٻڌڻين بعد سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ ڪيس جو فيصلو 23 هين فيبروريءَ تي محفوظ ڪري ڇڏيو هو.

پاناماڪيس جون ٻنهي مرحلن دوران ٽوٽل 25 ٻڌڻيون ٿيون،جڏهن ته فيصلو هاڻي 57 ڏينهن بعد ٻڌايو ويندو.

ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو هو ته، هي ڪيس معمولي نوعيت جو نه پر انتهائي اهم نوعيت جو آهي.

بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا چيو هو ته، هن ڪيس جو فيصلو اهڙو ڏينداسين جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*