پاناما ڪيس جي فيصلي جو پاڪستان تحريڪ انصاف سميت هر ماڻهو کي انتظار هيو, نعيم الحق

Plmn-PTi-PPP-18417

سپريم ڪورٽ پاران پاناما ڪيس جي فيصلي جي سپليميٽري ڪاز لسٽ جاري ٿيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته قوم  فيصلي جو بيچيني سان انتظار  ڪري رهي هئي،پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاناما ڪيس  جو فيصلو عوام جي اميدن موجب هوندو،جڏهن ته  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم  نواز شريف کي استنثي هجڻ باوجود پاڻ کي عدالت آڏو پيش ڪيو، سراج الحق چيو آهي ته، فيصلي بعد پنهنجي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته،کين اميد آهي ته فيصلو پاڪستاني عوام جي احساس جي عڪاسي ڪندو.

نعيم الحق جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس جي فيصلي جو پاڪستان تحريڪ انصاف سميت هر ماڻهو  کي انتظار هيو.

نواز ليگ جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلي جو سڀني کي انتظار هو پر جن جو نالو پاناما ۾ نه آهي ان خلاف ڪيئن فيصلو ايندو؟

هن چيو ته،فيصلو ڪنهن جي خواهش موجب نه ايندو،هي ڪيس قانوني ۽ ثبوت جي بنياد تي نه پر هي سياسي ڪيس هو.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاناما ڪيس  جو فيصلو عوام جي اميدن موجب هوندو ۽ فيصلي بعد پنهنجي حڪمت عملي جوڙينداسين.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته فيصلي جو سموري قوم کي انتظار هو، اميد آهي ته فيصلو قوم جي خواهشن موجب هوندو.

هن چيو ته، هاڻي سپريم ڪورٽ تي ڪير به حملو نه ڪندو ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ انکي عوام روڪيندو.

سندس چوڻ هو ته  پاناما ڪيس ۾ هڪ طرف عوام ۽ ٻئي طرف حڪمران هئا، ڪيس جو فيصلو ملڪ ۾ وڏي تبديل جو ڪارڻ بڻبو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*