پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي شوباز شريف ڪوٺيندي چيو آهي ته لوڊ شيڊنگ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج دوران لاهور ۾ ان جاءِ تي ڌرڻو هنيو ويندو

qamar-zaman-kaira-18417

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره پنجاب جي وڏي وزير  شهباز شريف کي شوباز شريف ڪوٺيندي چيو آهي ته لوڊ شيڊنگ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج دوران لاهور ۾ ان جاءِ تي ڌرڻو هنيو ويندو، جتي شهباز شريف ڪئمپ آفيس قائم ڪئي هئي.

رولپنڊي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي قمر زمان ڪائره چيو ته 6 مهينن اندر بجلي جي لوڊ شيدنگ ختم نه ڪرڻ تي نالو مٽائڻ جو اعلان ڪندڙ شهباز شريف ٻڌائي ته هاڻي سندس نالو ڇا رکيو وڃي.

هن چيو ته بجلي وارو وفاقي وزير پ پ جي دور ۾ چوندو هو ته بجليءَ جي ڪنهن رٿا جي ضرورت ناهي صرف ڪارخانن کي تيل فراهم ڪيو وڃي، هو هاڻي ٻڌائي ته ڪارخانن کي تيل ڇو نه پيو ڏنو وڃي.

پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي معاملي تي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جيڪا قوم کي ٻڌائي ته ڪنهن ملڪ کي بجلي ڏني ۽  بجلي کسي.

قمر زمان ڪائره  چيو ته مشال قتل بابت پ پ جو موقف واضح آهي ته سڀ کان پهرين  ملڪ مان اهڙي سوچ کي ختم ڪيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*