شڪارپور سانحي جي وڌيڪ هڪ زخمي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو شهيدن جو انگ وڌي 60 ٿي ويو

شڪارپو سانحي جي هڪ وڌيڪ زخمي عمدالمجيد جلباڻي کي ڪراچي نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ وڌي 60 ٿي ويو آهي.

شڪارپور سانحي جي 16 زخمين جو ڪراچي جي مختلف اسپتال ۾ اعلاج جاري آهي، جڏهن ته سانحي جي 60 شهيدن مان اڪثر جي 12 وڳي اجتماعي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، واقعي خلاف سنڌ جي اڪثر شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن

شڪارپور سانحي جي 37 زخمين کي شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ سکر جي مختلف اسپتالن ۾ پهچايو ويو، جتي وري 16 زخمين جي حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

16 ئي زخمين کي سي ون ٿرٽي جهاز ذريعي سکر کان ڪراچي پهچايو ويو، جن کي ڪراچي جي آغا خان اسپتال سميت مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*