سپريم ڪورٽ، انتظاميا کي پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ واري ڏينهن سيڪورٽي جا خصوصي انتظام ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ، انتظاميا کي پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ واري ڏينهن سيڪورٽي جا خصوصي انتظام ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

 سپريم ڪورٽ جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ انتظاميا کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته 20 اپريل تي  اعليٰ عدالت پاناما ڪيس جو فيصلو جاري ڪري آهي، تنهنڪري سيڪورٽي جا خصوصي انتظام ڪيا وڃن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته، ڪيس جي ڌر کانسواءِ ٻين کي عدالت جي حد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ خصوصي پاسون جاري ڪيون وينديون، جڏهن ته لاڳاپيل ڌريون عدالت پاران جاري ڪيل نوٽيس ڏيکاري سپريم ڪورٽ جي حد ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته، فيصلي واري ڏينهن  اعليٰ عدالت ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون پڻ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*