گهوٽڪي ڀرسان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي تان جوابدار ٻن عورتن کي مبينا طور اغوا ڪري ويا

گهوٽڪي ڀرسان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي تان جوابدار ٻن عورتن کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي خوف ۽ حراس پکيڙيل آهي.

گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ پنيو مهر ۾ ڪارنهن تڪرار تان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن تان جوابدار ٻن عورتن کي مبينا طور اغوا ڪري ويا.

تڪرار بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، مهر برادري جي هڪ ڌر جي ماڻهن قربان مهر جي دڪان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جڏهن ته مهر برادري جي هڪ ڌر جو چوڻ آهي ته ذوالفقار مهر سندن ناري کي اغوا ڪيو آهي.

هوڏانهن مهر برادري جي ٻئي ڌر چيو آهي ته قربان مهر سندن ناري اغوا ڪئي آهي، جڏهن ته تڪرار جا اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*