ميرپور ماٿيلو ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان ڊاڪٽر مارجي ويو

ميرپور ماٿيلو ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان ڊاڪٽر مارجي ويو، واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

ميرپور ماٿيلو ڀرسان يارو لنڊ ۾ موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن ڪلينڪ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ڊاڪٽر وزير لنڊ مارجي ويو.

واقعي جي اطلاع تي پوليس لاش کڻائي ميرپور ماٿيلو اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول ڪلينڪ تي ويٺل هو، جتي هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو، جڏهن ته واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*