ڪنڌڪوٽ ۽ ڀريا سٽي ۾ اينٽي ڪرپشن مختلف آفيسن تي ڇاپا هڻي سرڪاري رڪارڊ ۾هيرا ڦيري جي الزام هيٺ روينيو سپروائيزر کي گرفتار ڪري ڪري رڪارڊ ضبط ڪيو آهي

khand kot anty

  ڪنڌڪوٽ ۽ ڀريا سٽي ۾ اينٽي ڪرپشن مختلف آفيسن تي ڇاپا هڻي سرڪاري رڪارڊ ۾هيرا ڦيري جي الزام هيٺ روينيو سپروائيزر کي گرفتار ڪري ڪري رڪارڊ ضبط ڪيو آهي.

ڀريا سٽي ۾اينٽي ڪرپشن پوليس مختيار ڪار آفيس تي ڇاپو هڻي سرڪاري رڪارڊ ۾هيرا ڦيري ڪرڻ جي الزام هيٺ روينيو سپروائيزرکي گرفتار ڪري ڪري ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن پوليس سرڪل آفيسر اعجاز ميمڻ جي قيادت ۾ڀريا سٽي جي مختيار ڪار آفيس تي ڇاپو هڻي روينيو سپروائيزر اشرف وڳڻ کي گرفتار ڪري ورتو.

ان سلسلي ۾اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر اعجاز ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته  سپروائيزر اشرف وڳڻ کي روينيو رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري آبادگار جي زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.

اعجاز ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ديهه ڀريا جي  آبادگار طالب ڪلهوڙي جي فرياد تي اشرف وڳڻ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف ڪنڌڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس تي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جو ڇاپو هڻي روڊس، بلڊنگ ۽ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جو 5 سالن جو رڪارڊ ضبط ڪيو آهي.

سرڪل آفيسر اصغر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ڇاپو هڻي 2012 کان 2017 تائين ترقياتي ڪمن جو رڪارڊ ضبط ڪيو آهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر اصغر علي شاهه چيو ته 2012 کان 2017 تائين 5 سالن دوران روڊس، بلڊنگ ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي کاتن ۾ ڪرپشن جون شڪايتون مليون، جنهن کان پوءِ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*