حيدرآباد جي مختلف اسڪولن جي شاگردن کي پاڪ فوج جي حيدرآباد گيريزن جو دورو ڪرايو ويو

Hyd-Map-11816

حيدرآباد جي مختلف اسڪولن جي شاگردن کي پاڪ فوج جي حيدرآباد گيريزن جو دورو ڪرايو ويو، حيدرآباد گريزن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شاگردن کي دوري ڪرائڻ جو مقصد پاڪ فوج جي امن ۽ ملڪي سلامتي جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ فوج جي روزاني واري زندگي بابت آگاهي ڏيڻ آهي.

پاڪ فوج حيدرآباد گريزن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مختلف اسڪولي شاگردن پاران يادگار شهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي وئي، ان موقعي تي شاگردن کي شهيدن جي قربانين ۽ خدمتن بابت  به ڄاڻ ڏني وئي.

پڌرائي موجب شاگردن کي گيريزن اسپورٽس جو دورو پڻ ڪرايو ويو جتي شاگردن پاران ننڍي رينج وارن هٿيارن سان فائر پڻ ڪيا.

پڌرائي موجب شاگردن کي ٻڌايو ويو ته پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ دشمن جي هر اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*