پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سڀاڻي پاناما ڪيس جي فيصلي دوران ڪارڪنن کي سپريم ڪورٽ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي

imran khan

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سڀاڻي پاناما ڪيس جي فيصلي دوران ڪارڪنن کي سپريم ڪورٽ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رڳو پارٽي اڳواڻ فيصلو ٻڌڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ويندا.

تحريڪ انصاف جو اهم اجلاس بني گالا ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن  ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي.

تحريڪ انصاف جي اجلاس ۾ پاناماڪيس جي سڀاڻي ايندڙ فيصلي جي ملڪ تي پوندڙ اثرن ۽ سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

پي ٽي آءِ جي  ڪور گروپ جي اجلاس دوران فيصلو  ڪيو ويو ته  پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌڻ لاءِ رڳو پارٽي اڳواڻ سپريم ڪورٽ ويندا، جڏهن ته عمران خان سڀاڻي پاناما ڪيس جي فيصلي دوران ڪارڪنن کي سپريم ڪورٽ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*