تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر سنڌ ۾ تعليم جو معيار ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هئڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي
تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر سنڌ ۾ تعليم جو معيار ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هئڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته امتحانن دوران ڪاپي روڪڻ ۾ ناڪاميءَ جا ذميوار اسان سڀ آهيون، جيستائين سڀ گڏجي ڪم نه ڪنداسين ڪاپي ختم نه ٿيندي، صوبائي وزير سرڪاري ڪاليجز ۾ پڙهندڙ شاگردن جي فيس معاف ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
ڪراچي ۾ تربيتي سيمينار کي خطاب ڪندي ڄام مهتاب ڏهر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ تعليم معيارگهٽ هجڻ جواعتراف ڪندي چيو ته صوبي جا سرڪاري ادارا گهربل نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن.
صوبائي وزير چيو ته امتحانن دوران ڪاپي روڪڻ ۾ ناڪاميءَ جا ذميوار اسان سڀ آهيون، جيستائين سڀ گڏجي ڪم نه ڪنداسين ڪاپي ختم نه ٿيندي.
هن چيو ته آصف زرداري به امتحانن ۾ ڪاپي روڪڻ بابت پڇيو، پر مون وٽ ان سوال جو ڪو به جواب نه هو ڇوته اسان سڀ ان ۾ ملوث آهيون.
ڄام مهتاب ڏهر چيو ته آئنده جنهن امتحاني مرڪز تي ڪاپي ٿيڻ جي شڪايت ملي ته اتان جي ايڪسٽرنل ۽ انٽرنل کي ٻيهر ڊيوٽي نه ڏني ويندي، جڏهن ته غير تدريسي عملي جون امتحاني ڊيوٽيون لڳائڻ تي پابندي هنئي وئي آهي.
صوبائي وزير صوبي جي سرڪاري ڪاليجز ۾ پڙهندڙ شاگردن جي فيس معاف ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته في شاگرد تي امتحاني فيس سميت ساليانو 16 هزار رپيا خرچ اچي ٿو، جيڪو سنڌ حڪومت پاڻ ڀريندي.