بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جون ڳالهيون اهي ڪري رهيا آهن جن لوڊشيڊنگ جو تحفو ڏنو،وزير اعظم نواز شريف

Nawaz-Sharif-Shaikhopura-Speech-19417

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جون ڳالهيون اهي ڪري رهيا آهن جن لوڊشيڊنگ جو تحفو ڏنو، اهڙن ماڻهن کي شرم اچڻ گهرجي، وزيراعظم شيخوپوره ويجهو ڀــِڪـــِي پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندي چيو ته الزام ۽ ڪوڙ جي سياست ڪندڙ چونڊون هارائي ويا.

تقريب کي خطاب  ڪندي وزير اعظم چيو  ته 18 مهينن ۾ گهر به نه ٺهندو آهي، اسان پاور پلانٽ مڪمل ڪيو،جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي.

وزير اعظم چيو ته دريائن ۽ ڊيمن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿيو آهي، جن ماڻهن ملڪ کي اونڌاهي ڏانهن ڌڪيو، انهن کي شرم اچڻ گهرجي ۽ اڄ اهي ئي ماڻهو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

وزير اعظم چيو ته بلوڪي پاور پلانٽ جو پهريون حصو مئي مهيني ۾ مڪمل ٿي ويندو ۽ بجلي جي 3 منصوبن ۾ 154ارب رپين جي بچت ڪئي آهي.

ميان نواز شريف چيو ته جون 2018 تائين وڌيڪ 10 هزار ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي ويندي ۽ چين جي سهڪار سان بجلي جا نوان منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو ڪارڻ بڻجندڙن کي سزاڏينداسين.

وزير اعظم چيو ته روز ڌرڻا هڻندڙ ۽ الزام هڻندڙن کي چونڊن ۾ ناڪامي ملي، مخالفن کي مشورو ٿو ڏيان ته الزام ۽ ڪوڙ واري سياست ختم ڪن، اهڙي سياست ڪندڙ پاڻ ختم ٿي ويندا.

وزير اعظم چيو ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي هلندڙ سال مڪمل ٿي ويندو، جيڪڏهن صوبائي حڪومتون ڪم ڪن ها ته اهي نظر اچن ها.

ميان نواز شريف چيو ته ڪراچي ۾ امن امان وفاقي حڪومت قائم ڪيو، پاڻي جي فراهمي ۽ روڊن وارو ڪم به وفاقي سرڪار ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته صوبائي سرڪار ڇا ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*