وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سنڌ سرڪار رينجرز کي اختيار نه ڏنا ته متبادل رستو اختيار ڪنداسين

Ch-Nisar-121216

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سنڌ سرڪار رينجرز کي اختيار نه ڏنا ته متبادل رستو اختيار ڪنداسين، صوبائي سرڪار رينجرز کي پنهنجي ذاتي گارڊز طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت پاران رينجرز کي پنجاب جي طرز تي اختيار ڏيڻ وارو موقف کل جوڳو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته جيڪڏهن  سنڌ سرڪار رينجرز کي اختيار نه ڏنا ته معاملي جي حل لاءِ  متبادل رستو اختيار ڪيو ويندو.

چوڌري نثار چيو ته، سنڌ حڪومت پاران رينجرز کي پنجاب جي طرز تي اختيار ڏيڻ وارو موقف کل جوڳو آهي، ڪنهن به قانون کي انتظامي آرڊر ذريعي محدود نه ٿو ڪري سگهجي.

وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت رينجرز کي پنهنجي گارڊ طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، رينجرز جي ڪارڪردگي  ۽ قربانين کي تڪراري بڻايو پيو وڃي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز کي دهشت گردي کي روڪڻ واري قانون تحت  اختيار ڏيڻ واري معاملي کي ڊيگهه نه ڏني وڃي،اختيار ملڻ بعد ئي رينجرز پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*