وفاقي گهرو وزارت پنجاب ۾ رينجرز کي مليل اختيارن ۾ ٻن مهينن لاءِ واڌ ڪري ڇڏي آهي

Punjab-rangers-19417

وفاقي گهرو وزارت پنجاب ۾ رينجرز کي مليل اختيارن  ۾ ٻن مهينن لاءِ واڌ ڪري ڇڏي آهي، پنجاب حڪومت جي درخوست تي وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

وفاقي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب ۾ رينجرز کي مليل اختيارن  ۾ ٻن مهينن لاءِ واڌ لاءِ پنجاب حڪومت پاران موڪليل سمري منظور ڪئي وئي آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  پنجاب ۾ رينجرز کي 1997جي دهشت گردي جي خاتمي واري قانون تحت ڏنا ويا آهن.

پنجاب ۾ رينجرز جي اختيارن جو مدو 22 اپريل تي ختم ٿي رهيو آهي، پنجاب حڪومت مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ئي مدي ۾ واڌ لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن سمري اماڻي هئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*