نورين لغاري جي انتهاپسندي ۾ ملوث هجڻ کانپوءِ لمس، سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ سڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

Lums-Uni-19417

نورين لغاري جي انتهاپسندي ۾ ملوث هجڻ کانپوءِ لمس، سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ سڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، شاگردن جي سخت نگراني به ڪئي ويندي.

ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو منور مهيسر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽنهي يونيورسٽيز جا رجسٽرارن، ايس ايس پي ڄامشور ۽ رينجرز ڊي ايس آر ڪمانڊر شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ٽنهي يونيورسٽيز ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ سان گڏ شاگردن شاگردن سخت نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .

Mehran-Uni-19417

اجلاس ۾ شاگردن پاران سوشل ميڊيا تي انتهاپسندي وارين سرگرمين تي نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪو به شاگرد اهڙين سرگرمين ۾ ملوث نڪتو پهريان سندن والدين کي آگاهه ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪو به شاگرد 3 ڏينهن تائين يونيورسٽي نه آيو ته سندن والدين کي آگاهه ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو يونيورسٽيز ۾ ڪا به مذهبي سرگرمي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ان لاءِ انتظاميا کان اڳ ۾ اجازت وٺڻي پوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*