ميرپورخاص ڀرسان ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت 10 زخمي ٿي پيا

ميرپورخاص ڀرسان ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ميرپور خاص ڀرسان زاهد آباد ۾ ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڌيها فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻارڙن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ پٺاڻي، نانجي، آسو، ممتا، جمنا، نينا ۽ رميش سمت 16 ڄڻا شامل آهن.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال ميرپور خاص پهچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*