ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڀتي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ميرپورخاص جي اي ٽي سي عدالت ڀتو گهرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 2_2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت واپاري کان ڀتو گهرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن بابر جهنڊير، محمد علي رجپوت، نعيم عرف راجا جهنڊير ۽ غلام حسين راڄڙ کي عمر قيد ۽ 2_2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

سال اڳ جوابدارن واپاري صابر علي کان 50 لک رپيا ڀتو گهريو هو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندس دڪان تي ڀڃ ڊاهه ڪري 20 هزار رپيا ڦري ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*