اليڪشن ٽربيونل بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي ايندڙ هفتي طلب ڪري ورتو

اليڪشن ٽربيونل لاهور، قومي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي رڪارڊ جي ٻيهر جاچ پڙتال لاءِ پـِي ٽـِي آءِ سربراهه عمران خان جي درخواست تي فيصلو ڪجهه دير ۾ ٻڌائي رهيو آهي، ٽربيونل بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي ايندر هفتي طلب ڪري ورتو آهي.

 اليڪشن ٽربيونل لاهور جي سربراهه جسٽس ڪاظم ملڪ، اين اي هڪ سئو 22 تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي ڪاميابي ۽ رڪارڊ جي جاچ پڙتال لاءِ جوڙيل لوڪل ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عمران خان جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته لوڪل ڪميشن جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڌانڌلي بابت بيان ڏنا پر ڪميشن جو ڪم رڪارڊ مڪمل ڪرڻ هو.

عمران خان جي وڪيل چيو ته لوڪل ڪميشن جي رپورٽ ڪوڙي ٺاهي وئي آهي، عدالت کي استدعا آهي ته رڪارڊ جي ٻيهر جاچ پڙتال جو حڪم ڏنو وڃي.

اليڪشن ٽربيونل عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جسٽس ڪاظم ملڪ چيو ته فيصلو 2 وڳي ٻڌايو ويندو.

اليڪشن ٽربيونل، بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ايندڙ هفتي پڻ طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*