اطلاعات بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته الزام لڳائيندڙ پارٽي عدالت ۾ شرمسار ٿي نڪتي

mariyam oranzaib

اطلاعات بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته الزام لڳائيندڙ پارٽي عدالت ۾ شرمسار ٿي نڪتي ، وزيراعظم به خط ۾ جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو چيو هو.

پاناما فيصلي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته  ڪوڙ جو پلڙو کڻي آيل ماڻهو عدالت ۾ ڪجهه ثاب نه ڪري سگهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته  عدالت جي فيصلي وزيراعظم جي اپريل 2016 واري خط جي تائيد ڪئي آهي.

هن چيو ته وزيراعظم تي الزام لڳائيندڙ پارٽي شرمسار ٿي ٻاهر نڪتي.

اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته  وزيراعظم نوازشريف الزامن کي صبر سان منهن ڏنو.

مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم انهن جي منفي سياست جو جواب پاڪستان ڏينهن رات ڪم ڪري ڏنو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*