سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد نوازليگ اڳواڻن ۾ سرهائي ڇانيل آهي، پرائيم منسٽر هائوس ۾ موجود شهباز شريف ۽ ٻين وزيراعظم کي مبارڪون ڏنيون آهن
سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد نوازليگ اڳواڻن ۾ سرهائي ڇانيل آهي، پرائيم منسٽر هائوس ۾ موجود شهباز شريف ۽ ٻين وزيراعظم کي مبارڪون ڏنيون آهن، جڏهن ته مريم نواز چيو ته عدالتي فيصلو آئين ۽ قانون موجب آهي، جيڪا عوام جي فتح آهي
نوازشريف چيو آهي ته پاڻ کي عدالتي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو، فيصلو حق ۾ اچڻ تي الله تعليٰ جو شڪر گذار آهيان.
وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته هو عدالتي فيصلي جو احترام ڪري ٿو، جي آءِ ٽي ۾ به بيگناهه ثابت ٿيندو.
نوازشريف چيو ته اڳ به عدالت ۾ بي گناهي جا ثبوت پيش ڪيا ۽ جي آءِ ٽي آڏو به بي گناهي ثابت ٿيندي.
پاناما فيصلي بعد مريم نواز ۾ خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي پيءُ نوازشريف کي واڌايون ڏنيون آهن.
مريم نواز چيو ته عدالتي فيصلو آئين ۽ قانون موجب آهي، جيڪا عوام جي فتح آهي…………