پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بينچ جي 5 ججن نواز شريف جي ثبوتن کي رد ڪيوآهي

imran khan

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بينچ جي 5 ججن نواز شريف جي ثبوتن کي رد ڪيوآهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به اهڙو فيصلو نه آيو آهي.

سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ بعد عمران خان جو چوڻ آهي ته پاناما بابت فيصلو ڏيڻ تي هو بينج جي ججن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.

عمران خان چيو ته نواز شريف جو وزير اعظم رهڻ ان ڪري درست ناهي جو سندس خلاف جاچ هلي رهي آهي، آئون پوري قوم طرفان نواز شريف کي چوان ٿو ته هو هاڻي استعيفيٰ پيش ڪري.

عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن چيو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي، جي آءِ ٽي جو مطلب نواز شريف جي موقف کي رد ڪرڻ  آهي.

عمران خان چيو ته نواز شريف کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن هو 60 ڏينهن ۾ ڪليئر ٿي وڃي ته ٻيهر وزير اعظم ٿي سگهي ٿو.

عمران خان چيو ته جي آءِ ٽي ۾ شامل ٿيندڙ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ کانسواءِ سمورا ادارا وزير اعظم جي ماتحت آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي وزير اعظم ۽ ان جي ڪٽنب کي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻو پوندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*