وزيراعظم ٻن ججن پاران کي نااهلي جو سرٽيفڪيٽ ملي ويو آهي،سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري

chief-justice-Iftikhar-Chaudhry-20417

سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم ٻن ججن پاران کي نااهلي جو سرٽيفڪيٽ ملي ويو آهي، هاڻي نواز شريف اسيمبلي ميمبر رهڻ جي قابل نه آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي افتخار چوڌري چيو ته فيصلي ۾ حسين نواز جي انٽرويو کي تڪراري قرار ڏنو ويو،شريف خاندان خلاف ايتريون شاهديون ملڻ بعد جي آءِ ٽي جوڙڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ٻن ججن نواز شريف خلاف وڏو فيصلو ڏنو آهي، هاڻي نواز شريف اسيمبلي ميمبر رهڻ جي قابل نه آهي.

افتخار چوڌري چيو ته شريف خاندان پاران لنڊن ۾ جائيدا ڪڏهن خريد ڪئي وئي، ڳالهين ۾ جهول آهي، وزيراعظم خلاف ٻڌايل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن غلط بياني ڪئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*