سکر ۾ 25 آپريل کان شروع ٿيندڙ آدمشماري بابت ڊي سي سکر ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو

Sukkur-2-12

سکر ۾ 25 آپريل کان شروع ٿيندڙ آدمشماري بابت ڊي سي  سکر ۽  ليفٽيننٽ  ڪرنل جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو ،آدمشماري جي اتنظامن بابت غور ويچار ڪيو ويو.

ڊي سي سکر رحيم بخش ميتلو ۽ پاڪ فوجي جي ليفٽيننت   ڪرنل خالد جي گڏيل صدارت  هيٺ ٿيل اجلاس ۾ شماريات ،روينيو ،پوليس ۽ ٻين ادارن جي ڪامورن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر، رحيم بخش ميتلي عملي کي هدايت ڪئي، ته  هو پنهنجي حدن جي علائقن ۽ نقشن بابت چڱي ريت ڄاڻ حاصل ڪري وٺن .

ڊي سي سکر رحيم بخش ميتلي  ضلعي جي سمورن اسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته، هو پاڪ فوج سان  سهڪار ڪن.

  ڊي سي سکر چيو ته آدمشماري جي معاملي ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت جوڳي نه هوندي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ليفٽيننٽ ڪرنل خالد ٻڌايو ته سکر ضلعي ۾ آدمشاري لاءِ 23 چارجز ،118 سرڪلز لاءِ 499 ٽيمون ڪم ڪنديون.

هن ٻڌايو ته پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ 977 پوليس اهلڪار به فرض سر انجام ڏيندا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*