پاناما ڪيس جو فيصلو اصولي طور نوازشريف جي خلاف آيو آهي،مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه

Khursheed-Shah-221016

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پاناما ڪيس جو  فيصلو  اصولي طور نوازشريف جي خلاف آيو آهي، ٻن ججز واضح طور چيو آهي ته وزير اعظم کي نا اهل قرار ڏنو وڃي، کيس اخلاقي طور استعيفا ڏيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سندس نظر ۾ پاناما ڪيس جو فيصلو واضح آهي، فيصلو  اصولي طور نوازشريف جي خلاف آيو آهي.

سندس چوڻ هو ته  ٻن ججز واضح طور چيو آهي ته وزير اعظم کي نا اهل قرار ڏنو وڃي، جڏهن ته 3 ججز پنهنجي سينيئر ساٿين کان انڪاري نه آهن، انهن صرف جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو چيو آهي، ته وزيراعظم   کي اخلاقي طور استعيفا ڏيڻ گهرجي.

خورشيد شاهه چيو ته  جن ادارن کي نااهل ڪوٺيو هاڻي انهن کان جاچ ڪرائي پئي وڃي ٻڌايو وڃي ته جي آءِ ٽي ۾ شامل گهرو وزارت يا ناڻي واري وزارت جا عملدار ڪهڙي جاچ ڪندا.

هن چيو ته سياست ۾ ڪير به آخري دوست يا آخري دشمن نه هوندو آهي، فيصلي جو جائزو وٺي پارليامينٽ ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*