شام ۽ عراق ۾ سرگرم شدت پسند تنظيم داعش جي ٿاڪن تي امريڪا جا هوائي حملا جاري

شام ۽ عراق ۾ سرگرم شدت پسند تنظيم داعش جي ٿاڪن تي آمريڪا ۽ سندس اتحادين جا هوائي حملا جاري آهن، آمريڪي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هوائي حملي ۾ داعش جو ڪيميائي هٿيارن جو ماهر  ابو مالڪ مارجي ويو آهي.

آمريڪي فوج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اتحادي فوج جي ويڙهاڪ جهازن داعش جي ٿاڪن تي هيل تائين 2 هزار کان وڌيڪ هوائي حملا ڪيا آهن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملن ۾ داعش جا ڪيترائي ويڙهاڪ مارجي چڪا آهن جن ۾ ڪيميائي هٿيارن جو ماهر ابو مالڪ به انهن حملن ۾ مارجي چڪو آهي.

رپورٽس موجب ابو مالڪ عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين جي حڪومتي دور ۾ ڪيميائي هٿيارن جو انجنيئر رهي چڪو آهي جيڪو بعد ۾ داعش ۾ شامل ٿي ويو.

آمريڪي فوج جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ابو مالڪ جي مارجڻ کانپوءِ داعش جي ڪيميائي هٿيار ٺاهڻ ۽ استعمال ڪرڻ واري صلاحيت کي تمام نقصان پهتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*