ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڊيون براوو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر ڊيوِن براوو  ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، براوو چيو آهي ته هـُو هاڻي ون ڊي ۽ ٽوئنٽي ٽوئنٽي تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو.

ويسٽ انڊيز جي شهر جميڪا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊيوِن براوو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

 ڊيِون براوو چيو ته کيس مناسب وقت جو انتظار هو، تنهن ڪري هو هاڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع ڪري رهيو آهي، ان بابت ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ويسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر چيو ته سندس سمورو ڌيان هاڻي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي هوندو.

واضح رهي ته ڊيوِن براوو 2010 ۾ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ڪري چڪو  آهي ۽ گذريل پنجن سالن کان کيس ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو  ڪيو ويو.

ڊيوِن براوو چاليهه ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ ٽن سينچرين ۽ 15 ففٽين جي مدد سان هن 22 سئو رنسون ٺاهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*