نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي

عالمي ڪرڪيٽ ڪپ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيارين جا پول پڌرا ٿي ويا آهن، ٻن وارم اپ ميچز ۾ شڪست کانپوءِ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچز ۾ به پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان آساني سان هارائي ڇڏيو آهي.

نيوزيلينڊ جي ويلنگٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي  کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڪيويز جي ڪپتان برينڊن مڪلم ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت  ڏني.

قومي ٽيم جي شروعات ئي بهتر نه ٿي، پهرين ئي اوور ۾ اوپنر محمد حفيظ بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد قومي ٽيم جا رانديگر روايت برقرار رکندي پويلين ڀيڙا ٿيندا رهيا.

احمد شهزاد 15، يونس خان 9، عمر اڪمل 13، حارث سهيل 23 ۽ سرفراز احمد 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد ڪپتان مصباح الحق ۽ شاهد آفريدي 100 کان وڌيڪ رنسن جي ڀائيواري جوڙي ٽيم جي پوزيشن مستحڪم ڪئي.

شاهد آفريدي 29 بالن تي 9 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 67  ۽ مصباح الحق 58 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

شاهد آفريدي ۽ مصباح الحق جي آئوٽ ٿيڻ بعد سموري ٽيم 2 سئو 10 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

نيوزيلينڊ پاران گرانٽ ايليٽ ٽي، ڪائل ملز، ٽرينٽ بولٽ ۽ ڪوري اينڊرسن ٻـِن ٻـِن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ايڊم ملني جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.

2 سئو 11 رنسن جو حدف نيوزيلينڊ جي ٽيم آساني سان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 39 ڏهائي 3 اوور ۾ پورو ڪيو.

نيوزيلينڊ طرفان گرانٽ ايليٽ 64 ۽ روز ٽيلر 59 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته مارٽن گپٽل 39 ۽  برينڊن مڪلم 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

ٻنهي ٽيمن ۾ سيريز جي ٻي ميچ 3 فيبروري تي نيپيئر ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*