قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا وسيلا وڌائڻ لاءِ پاڪ فوج پرعزم آهي آرمي چيف جنرل راحيل شريف

قومي ايڪشن پلان تحت دهشتگردي جي  خاتمي لاءِ جوڙيل فورس جي پاڪ فوج پاران تربيت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي آهي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته تربيت جو دائرو سڄي ملڪ ۾ ڦهلايو ويندو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا وسيلا وڌائڻ لاءِ پاڪ فوج پرعزم آهي.

لاهور ۾ بيديان روڊ تي قائم ايليٽ پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعطم نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل نويد زمان، ڊي جي رينجرز پنجاب ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، تربيت حاصل ڪندڙن کي پاڪ فوج جي ايس ايس جي گروپ جي آفيسرز پاران ٽريننگ ڏني وئي آهي، 11 سئو 82 اهلڪارن مان پهرين مرحلي ۾ 421 اهلڪارن جي تربيت مڪمل ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تحت پوليس جا وسيلا وڌائڻ جو عمل جاري آهي، تربيت حاصل ڪندڙن ۾ 16 عورتون به شامل آهن.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا وسيلا وڌائڻ لاءِ پاڪ فوج پرعزم آهي، تربيت ڏيڻ جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ وڌايو ويندو.

آرمي چيف چيو ته تربيت حاصل ڪندڙ اهلڪار سڪيورٽي ادارن سان گڏجي گڏجي ملڪي صورتحال بهتر ڪندا، پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو  پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*