وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته آصف زرداري پاران قوم کي ايمانداري ۽ ديانتداريءَ تي ليڪچر ڏيڻ قيامت جي نشاني آهي

Ch-Nisar-121216

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته آصف زرداري پاران قوم کي ايمانداري ۽ ديانتداريءَ تي ليڪچر ڏيڻ قيامت جي نشاني آهي، پاناماڪيس اڃا عدالت ۾ آهي، فيصلي کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي.

واهه ڪينٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  چوڌري نثار چيو  ته ڪيس اڃا عدالت ۾ آهي، سپريم وڌيڪ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي، فيصلي تي تبصري لاءِ وڌيڪ عدالتون نه لڳايون وڃن.

وفاقي گهرو وزير چيو ته  ته سپريم ڪورٽ مني ٽريل مان مطمئن نه آهي، ڊان ليڪس جي رپورٽ سومر يا اڱاري تي اچي ويندي ۽ ان ئي ڏينهن پڌري ڪئي ويندي.

 چوڌري نثار چيو ته، عدالتي فيصلي کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي، پاناما ڪيس جو فيصلو اتفاق راءِ سان آيو آهي ۽ جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءَ پنجن ئي ججز جو صحيحون موجود آهن.

هن چيو ته  وزيراعظم پاڻ کي ڪٽنب سميت احتساب لاءِ پيش ڪيو ۽ فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته الزام لڳائيندڙن جا ثبوت ناڪافي آهن.

هن چيو ته پاڻ ڪرپشن ڪندڙ وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، آصف زرداري پاران ايمانداري ۽ ديانتداري جو ليڪچر ڏيڻ قيامت جي نشاني آهي.

چوڌري نثار چيو ته ماڻهو خواهشن ۽ سياسي مقصدن لاءِ عجيب منطق پيش ڪري رهيا آهن، جج چون ٿا ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ٿيڻ گهرجي، اهڙي فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته پاناما ڪيس سري محل، ڪوٽيڪنا ڪيس يا ڊائمنڊ هار جو ڪيس نه پر لنڊن ۾ وزيراعظم ۽ ان جي ڪٽنب جي فليٽن جو ڪيس آهي، جنهن بابت وزيراعظم جو موقف آهي ته 70واري ڏهاڪي ۾ پرڏيهه ۾ سندن پئسا موجود هئا.

هن چيو وزيراعظم سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نه ورهايو وڃي.

چوڌري نثار چيو ته سوئيس عدالتن مان سزا يافته به اسان کي ليڪچر ڏئي رهيا آهن ۽ وزيراعظم جي خاندان پرڏيهه ۾سيڙپ لاءِ رقم پاڪستان مان منتقل نه ڪئي آهي.

چوڌري نثار چيو ته غلط فهميون پيدا ڪندڙ ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهين ٿا ۽  چونڊن کان اڳ نگران حڪومت پ پ جي صلاح مشوري سان قائم ٿيندي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت هر 3 مهينن بعد رينجرز معاملو تڪراري بڻائيندي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*