اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته جيئن پرويز مشرف کي گهر موڪليو ائين ئي نواز شريف کي گهر ڀيڙو ڪنداسين

Asif-Zardari-Jang-Speech-relly-21417

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته جيئن پرويز مشرف کي گهر موڪليو ائين ئي نواز شريف کي گهر ڀيڙو ڪنداسين، حڪمرانن نه پاڻي ڏنو نه بجلي پر قرض ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن.

پنجاب جي شهر جهنگ ۾ پ پ جي جلسي دوران اڳوڻي وفاقي وزير فيصل صالح حيات آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي موجودگي ۾ ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته 2013ع جي اليڪشن اسان کي آر اوز هارائي، ايندڙ چونڊن ۾ شريفن کي مٽائي ڇڏينداسين .

اڳوڻي صدر چيو ته سنڌ اسيمبلي گو نواز گو جو ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو آهي، چئني صوبن مان نواز ليگ جو خاتمو آندو ويندو.

هن چيو ته اسان کي عوام لاءِ جيئڻو ۽ عوام لاءِ ئي مرڻو آهي،اسان شهيدن جا لاش پنهنجي هٿن سان دفن ڪيا آهن، شهيدن جا لاش کڻي به اسان چيو ته پاڪستان کپي.

آصف زرداري چيو ته جيئن مشرف کي گهر موڪليو ائين ئي نواز شريف کي گهر ڀيڙو ڪنداسين.

هن چيو ته حڪمرانن نه پاڻي ڏنو نه بجلي، پر قرض ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن.

آصف زرداري وزير اعظم سان مخاطب ٿيندي چيو ته ميان صاحب ڪجهه حياءُ ڪريو ۽ غريبن تي رحم ڪريو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*