پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ شريف ڪٽنب لاءِ هڪڙو ۽ غريبن لاءِ وري ٻيو قانون آهي

Bilawal-Jang-speech-relly-21417

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ  ۾ شريف ڪٽنب لاءِ هڪڙو ۽ غريبن لاءِ وري ٻيو قانون آهي، هڪ وزيراعظم عدالت تي حملو ڪري به احتساب ٿيڻ کان بچي وڃي ٿو.

جهنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري پاناما ڪيس جي فيصلي مان ثابت ٿيو آهي ته ملڪ ۾ ٻه قانون آهن، هڪ قانون شريف خاندان ۽ ٻيو غريبن لاءِ آهن، آخر ٻه قانون ڪيستائين هلندا.

هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ گوليون هلايون وڃن يا قتل ڪيا وڃن، ڪو به پڇڻ وارو ناهي، نواز شريف ۾ ٿورو به شرم ۽ حياءُ آهي ته استعيفيٰ ڏئي.

بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ جو هڪ وزيراعظم عدالت تي حملو ڪري بچي وڃي ٿو، اسان کي ٻه پاڪستان ۽ ٻه قانون نه گهرجن، ملڪ ۾ هڪ ئي قانون چاهيون ٿا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي بي شهيد جي حڪومت هڪ آرٽيڪل جي آڌار تي ختم ڪئي وئي.

جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري ”مڪ گيا تيرا شو نواز، گو نواز گو نواز“جو نعرو هنيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*