آصف زرداري جي ويجهن ساٿين جي گم ٿي وڃڻ بعد، اڻڄاتل هٿياربندن ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر عاصم جي گاڏي جو پيڇو ڪري کيس هٿيار ڏيکاري قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن

FIR-DR-ASIM-21417

آصف زرداري جي ويجهن ساٿين جي گم ٿي وڃڻ بعد، اڻڄاتل هٿياربندن ڪراچيءَ ۾  ڊاڪٽر عاصم جي گاڏي جو پيڇو ڪري کيس هٿيار ڏيکاري قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، ڊاڪٽر عاصم بوٽ بيسن ٿاڻي  تي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

آصف زرداري جي دوست ۽ پ پ اڳواڻ  ڊاڪٽر عاصم اڻڄاتل هٿياربندن خلاف ڪراچي جي بوٽ بيسن ٿاڻي  تي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

ڊاڪٽر عاصم ايف آءِ آر  ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هو  ضياءُ الدين اسپتال مان پنهنجي وڪيل سان ملڻ لاءِ  ڪلفٽن جي تين تلوار واري علائقي وڃي رهيو هو ته   هڪ اڇي رنگ جي ڊبل ڪيبن گاڏي  ۽ هڪ ڪاري رنگ جي ڪار اوچتو سندس گاڏي جي ويجهو اچي ويون ۽ ڪافي دير تائين  پيڇو ڪنديون رهيون.

ڊاڪٽر عاصم چيو ته ڪار   ۾ 4  هٿياربند سوار هئا، جن مان  هڪ همراهه مون ڏانهن پستول تاڻي ورتو جنهن تي مان ڊڄي ويس ۽ ڊرائيور کي گاڏي جي رفتار تيز ڪرڻ جو چيو، ان دوران منهنجو سڪيورٽي اسڪارٽ پويان اچي ويو، جنهن بعد شڪي گاڏيون پنجاب چورنگي ڏانهن هليون ويون.

ڊاڪٽر عاصم چيو ته گاڏيءَ ۾ ويٺل هڪ هٿياربند سندس گرفتاري دوران کيس گلبرگ ٿاڻي تي به هڪ ڀيرو نظر آيو هو.

ڊاڪٽر عاصم پاران ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڻڄاتل ماڻهن مان سندس زندگي کي خطرو آهي، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*