موت جي سزا ٻڌايل پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ ٻن قيدين کي سکر سينٽرل جيل کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو

موت جي سزا ٻڌايل پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ ٻن قيدين کي سکر سينٽرل جيل کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، ٻنهي کي 3 فيبروري تي ڦاهي ڏني ويندي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي ٻن قيدين محمد اعظم ۽ عطا الله کي سکر سينٽرل جيل کان ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارڪنن محمد اعظم ۽ عطالله کي ڊاڪٽر رضا جي قتل ڪيس ۾ 24 جنوري تي ڊيٿ وارنٽس جاري ڪيا ويا هئا، جن کي 3 فيبروري تي ڦاهي ڏني ويندي.

ياد رهي ته موت جي سزا ٻڌايل ٻنهي قيدين جي وارثن سينٽرل جيل کان ڪراچي جيل منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*