شڪارپور سانحي سڄي قوم کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته شڪارپور سانحي سڄي قوم کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي بقا لاءِ کٽڻ ضروري آهي، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي ۽ آخري دهشتگرد کي عبرتناڪ انجام تي پهچائڻ تائين هو سک سان نه ويهندا.

پوليس ٽريننگ اسڪول لاهور ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل فورس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان هن وقت دهشتگردي جي چيلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان ڪري اهڙي اعليٰ تربيتي فورسز جي ضرورت آهي، جيڪا دهشتگردي جو خاتمو ڪري سگهي.

هن چيو ته عوام جي حفاظت ۽ امن امان حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، دهشتگردي خلاف جنگ سموري قوم جي آهي، اها جنگ هر حال ۾ کٽڻي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*