اڳوڻي صلاحڪارمولا بخش چانڊيو چيو آهي ته گاريون چريا ڏيندا آهن ۽ پٿر کڻندا آهن، سياسي ماڻهو گارين نه پر دليلن سان ڳالهه ڪندا آهن

Mula-Bux-Chandio-22417

اڳوڻي صلاحڪارمولا بخش چانڊيو چيو آهي ته گاريون چريا ڏيندا آهن ۽ پٿر کڻندا آهن، سياسي ماڻهو گارين نه پر دليلن سان ڳالهه ڪندا آهن.

عابد شير علي جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات مولابخش چانڊيو چيو ته آصف زرداري شير دل ليڊر آهي، نه ڀڳو ۽ نه ئي معافي گهري، عابد شير علي جهڙي ٻولي استعمال ڪئي اهڙي نٿو  ڪري سگهان.

هن  چيوته اوهان کي مٺائي ورهائڻ ۽ کائڻ تي شرم نٿو اچي فيصلو توهان جي خلاف آهي پڙهي ته ڏسو، توهان کي سپريم ڪورٽ ڪوڙو ۽ چور قرار ڏنو آهي.

مولابخش چانڊيوچيو ته مسلم ليگ ن هر آمر سان گڏ رهي آهي، ميان صاحب!توهان جي وزير توهان کي عذير بلوچ سان گڏائي ڇڏيو.

اڳڻي صوبائي صلاحڪارچيو ته شرم جوڳي ڳالهه آهي ته ايٽمي ملڪ جو وزيراعظم جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو، چوڌري نثار جڏهن فيصلو پڙهيو تڏهن چيائين ”او هو او هو“ فيصلو ته مخالفت ۾ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*