بلوچستان جي پنجگور ۽ مارگٽ وارن علائقن ۾ ايف سي ۽ حساس ادارن ڪارروائي ڪري 33 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو آهي

ISPR-Ghafoor-22417

بلوچستان جي پنجگور ۽ مارگٽ وارن علائقن ۾ ايف سي ۽ حساس ادارن  ڪارروائي  ڪري  33 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو  آهي.

آءِ ايس پي آر موجب پنجگور جي گچڪ واري علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران 30 شڪي جوابدارن ۽ مارگٽ واري علائقي مان 3 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن وٽان ڊيٽو نيٽرز، مواصلاتي سامان ۽ تخريبڪاري وارو مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب گرفتار شڪي جوابدارن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جن جي استعمال  هيٺ 2 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته انهن جي قبضي مان  2 ايس ايم جيز ۽ وڏي انگ ۾ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*