آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه افغانستان جي شهر ۾ مزار شريف تي حملي جي سخت مذمت

Qamar-Bajwa-22417

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه افغانستان جي شهر ۾ مزار شريف تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد اسان جو گڏيل دشمن آهي، دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين، پرعزم افغان قوم سان گڏ آهيون.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه افغانستان جي شهر مزار شريف ۾ ٿيل حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آرمي چيف افغان سڪيورٽي فورسز سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو  ته دهشتگرد اسان جو گڏيل دشمن آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين ۽ دهشتگردي خلاف عزم رکندڙ افغان قوم سان گڏ آهيون………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*