نئون ديرو مان 18 مهينا اڳ اغوا ٿيل نينگر ساحل ڪوريجو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن اڄ 5 ڏينهن به اسلام آباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو آهي

Islamabad-Map

نئون ديرو مان 18 مهينا اڳ اغوا ٿيل نينگر ساحل ڪوريجو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن اڄ 5 ڏينهن به اسلام آباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو آهي.

اسلام آباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ ساحل ڪوريجي جي مائٽن جو چوڻ آهي ته نينگر جي بازيابي لاءِ هو 18 مهينن کان احتجاج ڪري رهيا آهن پر پوليس ساحل کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.

ساحل ڪوريجي جي مائٽن جو چوڻ آهي ته نينگر جي بازيابي لاءِ هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان مليا هئا ۽ ان معاملي بابت وڏي وزير مراد علي شاهه کي به چڱي ريت ڄاڻ آهي .

هنن چيو ته نئون ديرو ۽ لاڙڪاڻو پوليس چوي ٿي ته نينگر کي پنهنجي ئي مائٽن اغوا ڪيو آهي ۽ پوليس ساحل جي آزادي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

ساحل جي وارثن مطالبو ڪيو ته نينگر کي فوري طور بازياب ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*