وزيراعظم نواز شريف تيل اگهن ۾ 11 رپيا 82 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم نواز شريف، تيل اگهن ۾ 11 رپيا 82 پئسا في ليٽر تائين گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، آهي، پهرين فيبروري کان پيٽرول 7 رپيا 99 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 5 رپيا 62 پئسا ۽ گاسليٽ 10 رپيا 48 پئسا سستا ٿيندا.

لاهور ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.

وزيراعظم چيو ته پهرين فيبروري کان پيٽرول جي قيمت 7 رپيا 99 پئسا گهٽتائي ٿيندي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 70 رپيا 29 پئسا في ليٽر ٿي ويندو.

نواز شريف چيو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 5 رپيا 62 پئسا، لائيٽ ڊيزل 9 رپيا 56 پئسا، گاسليٽ 10 رپيا 48 ۽ هاءِ آڪٽين جي قيمت ۾ يارنهن رپيا 82 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت پيٽرول اگهن ۾ 10 رپين تائين گهٽتائي جو فيصلو ڪيو هو  في الحال 7 رپيا 99 پئسن تائين لاٿ ٿي رهي آهي، ن ليگ سرڪار موجوده دور ۾ پيٽرول 37 پئسا 68 پئسا سستو ڪيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته نوان اگهه پهرين فيبروري تي لاڳو هوندا، تيل اگهن ۾ گهٽتائي سان عام واهپي جي شين ۾ گهٽتائي ايندي، صوبن جا وڏا وزير ٽرانسپورٽ ڪراين ۾ لاٿ کي يقيني بڻائين.

هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پيٽرول بحران جي جاچ ٿي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪجهه ذميوارن کي سزا ڏني وئي آهي پر معاملي کي انجام تائين پهچايو ويندو.

 واضح رهي ته عالمي منڊي ۾ خام تيل ۾ گهٽتائي کانپوءِ 31 آگسٽ کان هن وقت تائين پيٽرول 37 ۽ گاسليٽ 35 رپيا في ليٽر سستا ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*