ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس دوران اتفاق ڪيو ويو ته قومي ادارو پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ جڙندڙ جي آءِ ٽي ۾ شفاف ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري سپريم ڪورٽ جي اميدن تي پورو لهندو

Amry-Cheif-Bajwa-Meeting-24417

ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس دوران اتفاق ڪيو ويو ته قومي ادارو پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ جڙندڙ جي آءِ ٽي ۾ شفاف ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري سپريم ڪورٽ جي اميدن تي پورو لهندو.

جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز ۽ فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر پاران ڪيل ٽوئٽ موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ پاناما ڪيس جي فيصلي ۽ جي آءِ ٽي جي قيام بابت غور ويچار ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آءِ موجب ڪانفرنس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته جي آءِ ٽي ۾ قومي ادارو شفاف ۽ قانوني ڪردار نڀائيندو ۽ سپريم ڪورٽ جي اميدن تي پورو لهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*