پيپلز پارٽي پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف 4 مئي تي مينار پاڪستان آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي

Qamar-Zaman-221016

پيپلز پارٽي پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف 4 مئي تي مينار پاڪستان آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي، پ پ پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته پ پ جي آءِ ٽي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پ پ سان گڏ ٻين پارٽين به وزير اعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر الزمان ڪائره چيو ته حڪومت چونڊن دوران ڪيل واعدا پورا نه ڪيا آهن، اسان حڪومتي دور ۾ ڪڏهن به ايتري لوڊشيڊنگ نه ٿي، اڄ ملڪ ۾ 16 -16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.

قمرالزمان ڪائره چيو ته پ پ جي آءِ ٽي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پ پ سان گڏ ٻيون پارٽيون به وزير اعظم نواز شريف جي استعيفي ٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*