شاگرد مشال خان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 8 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

Mashal-Murder-Case-18417

شاگرد مشال خان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 8 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن مان 7 جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، هڪ جوابدار رڳو هڪ نعرو هڻڻ جو اعتراف ڪيو، جڏهن ته گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

مشال خان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 8 جوابدارن کي مردان جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن مان 7 جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، هڪ جوابدار مشال جي قتل کانپوءِ  رڳو هڪ نعرو هڻڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

 گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل يونيورسٽي جي سيڪيورٽي انچارج بلال بخش ۽ محمد عامر کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،جن کي عدالت  4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

مشال خان قتل ڪيس ۾ پوليس هيل تائين 34 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن مان 32 جوابدارن کي جيل موڪليو ويو آهي، جڏهن ته ٻن جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*