پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاناما هڪ سياسي ڪيس آهي، جنهن جو فيصلو 2018 کان اڳ نٿو اچي سگهي

Rana-Sana-Ullah-22217

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاناما هڪ سياسي ڪيس آهي، جنهن جو فيصلو 2018 کان اڳ نٿو اچي سگهي، ڪوبه ايئن نه سمجهي ته اسان ڌمڪين ۽ دٻاءُ ۾ اچي هٿيار اڇلائي ڇڏينداسين.

لاهو ر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين پاناما ڪيس جي هڪ حصي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان پانامان ڪيس جي فيصلي کي دل سان قبول ڪيو آهي پر عمران ۽ سندس ساٿي فيصلي کي قبول ڪرڻ کان انڪاري آهن.

راڻا ثناءُ الله چيو ته عدالتي فيصلي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، جيڪو 2018 ۾ ٿيندو.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته عدالت ثبوت رد ڪيا ته ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ سپريم ڪورٽ تي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ لاءِ به دٻاءُ وڌو ويو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو اليڪشن ڪميش يا پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي ۽ اهو فيصلو 2018 کان اڳ نٿو ٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*