تحريڪ انصاف نيب چيئرمين خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو

NAB-PTI-Case-24417

تحريڪ انصاف نيب چيئرمين خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي بعد  نيب چيئرمين کي ڪم ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي، کيس ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نيب چيئرمين خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي، نيب ملڪ جي ڪرپٽ ترين ادارن مان هڪ ادارو بڻجي ويو آهي.

فواد چوڌري چيو ته نيب چيئرمين پنهنجي عهدي سان انصاف ناهي ڪيو، کيس ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*