ملتان جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدي ڇت تي چڙهي ويو

ملتان جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قتل ڏوهه جي سزا ڪاٽيندڙ قيدي گرل فرينڊ  سان ملائڻ لاءِ احتجاج طور جيل جي ڇت تي چڙهي ويو، قيدي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن گرل فرينڊ سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته هو ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيندو.

ملتان جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قتل جي ڏوهه ۾ سزا ڪاٽيندڙ بلوچستان واسي قيدي غلام محمد احتجاج طور جيل جي ڇت تي چڙهي ويو آهي ۽ هو ڇت تي پاڻي تي ٽانڪي تي ويٺل آهي.

قيدي جو چوڻ آهي ته عورتن واري جيل ۾ قيد سندس گرل فرينڊ سان سندس ملاقات ڪرائي وڃي.

قيدي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ساڻس ملاقات نه ڪرائي وئي ته هو ٽانڪي تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.

جيل انتظاميه پاران قيدي کي پرچائڻ جون ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*