وفاقي گهرو کاتي سنڌ ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

Rangers-26716

وفاقي گهرو کاتي  سنڌ ۾ رينجرز جي  اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، وفاقي گهرو وزارت، سنڌ حڪومت جي مخصوص شرطن سان رينجرز کي اختيار ڏيڻ واري شرط رد ڪري ڇڏي،گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته، رينجرز کي اختيار دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ وَن فَور سَيوِن ڏنا ويا آهن.

وفاقي گهرو کاتي  سنڌ ۾ رينجرز جي قيام ۽ اختيارن ۾ واڌ جو  نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب  رينجرز کي اختيار اي ٽي اي 1997 واري قانون تحت ڏنا ويا آهن.

 گهرو وزارت موجب سنڌ ۾ رينجرز جي قيام ۾ 90 ڏينهن جو واڌارو ڪيو ويوآهي، جڏهن ته  رينجرز اختيارن ۾  واڌ لاءِ سنڌ حڪومت جي شرطن  کي رد ڪيو ويو آهي.

رينجرز اختيارن بابت صوبائي حڪومت جي شرطن کي نوٽيفڪيشن جو حصو نه بڻايو ويو آهي، وفاقي حڪومت پاران رينجرز اختيارن بابت سنڌ حڪومت کي خط لکي آگاهي ڏني وئي آهي.

 خط ۾ چيو ويو آهي  ته رينجرز اختيارن بابت سنڌ حڪومت جون تجويزون قانون مطابق ناهن  دهشت گردي واري قانون  سان هٿ چراند نه ٿي ڪري سگهجي  نه ئي قانون جي شقن کي تبديل نه ٿو ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*