مخالف اسان تي تنقيد ڪن پر ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، عدالتي فيصلن کي چئلنج ڪرڻ جي روايت پئي ته ڪو به ادارو نه بچندو،وفاقي وزير خواجا سعد رفيق

Saad-Rafique-24417

وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته،مخالف اسان تي تنقيد ڪن پر ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، عدالتي فيصلن کي چئلنج  ڪرڻ جي روايت پئي ته ڪو  به ادارو نه بچندو، عمران خان ۽ آصف زرداري کي اقتدار  جو پيٽ ۾ سور آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته، پاناما ليڪس ۾ ملڪ جي 40 کان وڌيڪ شخصيتن جو ذڪر هو جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف جو ذڪر ئي نه هو.

مخالف اسان تي تنقيد ڪن پر ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، عدالتي فيصلن کي چئلنج  ڪرڻ جي روايت پئي ته ڪو  به ادارو نه بچندو.

هن چيو ته عمران خان ۽ آصف زرداري کي اقتدار  جو پيٽ ۾ سور آهي، اهي غلط زبان استعمال ڪرڻ بند ڪن.

خواجا مخالف آصف جو چوڻ هو ته مخالفن وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب خلاف اخلاقيات جون سمورون حدون اورانگهي ويا آهن، مونکي يقين آهي ته آصف زرداري ۽ عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ کان نه مڙندا، جيڪڏهن اسان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پوءِ کين رستو به هٿ نه ايندو.

هن چيو ته ڪرپشن جي سمنڊ ۾ ٻڏل آصف زرداري به حڪومت ۽ وزيراعظم تي بهتان هڻي رهيو آهي، پ پ  سينيٽر اعتزاز احسن قومي سلامتي جي ادارن تي به تنقيد ڪري رهيو آهي، ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.

هن چيو ته هاڻي پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي پارٽي ناهي رهي ۽ آصف علي زرداري ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪري ته سندس لاءِ بهتر ٿيندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*