اسلام آباد پوليس شهباز ڀٽي ڪيس ۽ شهيد بينظير ڀٽو ڪيس سميت 6 ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

 اسلام آباد پوليس، شهباز ڀٽي قتل ڪيس ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪيس جي پراسڪيوٽر چوڌري ذوالفقار چوڌري ذولفقار قتل سميت 6 ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، اسلام آباد جي پوليس دهشتگردي جا 6 اهم ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ لاءِ وفاقي گهرو وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب، پوليس پاران پ پ جي مقتول وفاقي وزير شهباز ڀٽي قتل ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد پوليس پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي پراسڪيوٽر چوڌري ذوالفقار، بار ڪهو واري علائقي مان بارود برآمدگي ڪيس ۽ نيٽو ڪنٽير حملا ڪيس سميت 6 ڪيس وفاقي گهرو وزارت ڏانهن اماڻيا ويا آهن.

ذريعن موجب، وفاقي گهرو وزارت ڪيسن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ فوجي عدالتن ۾ هلائڻ لاءِ موڪليندي.

ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن جي قيام خلاف درخواستن تي فيصلو اچڻ بعد اهي ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي ٻن دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هن وقت دهشتگردي جا 40 کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*