ميرپورخاص ۽ نوشهروفيروز ۾ ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا فوت 19 زخمي

ميرپورخاص ۽ نوشهروفيروز ۾ ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

نوشهروفيروز ۾ قومي شاهراهه تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ تيزرفتار پڪ اپ گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واقعي بعد پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

هوڏانهن ميرپور خاص ڀرسان زاهد آباد ۾ تيز رفتار ٽرڪ، چنگچي رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڌيها فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻارڙن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ پٺاڻي، نانجي، آسو، ممتا، جمنا، نينا ۽ رميش سمت 16 ڄڻا شامل آهن.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال ميرپور خاص پهچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*