شڪارپور سانحي جي 61 مان 41 شهيدن جي اجتماعي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

شڪارپور سانحي جي 61 مان 41 شهيدن جي اجتماعي جنازي نماز لکيدر ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد شهيدن جي مختلف قبرستانن ۾ تدفين ڪئي پئي وڃي.

شڪارپور سانحي جي 61 شهيدن مان 41 شهيدن جي لکيدر ۾ اجتماعي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، مختلف روڊن رستن توڙي عمارتن جي ڇتين تي اهلڪار بيٺل هئا، جنازي ۾ ايندڙ ماڻهن تي به ڪرڙي نظر رکي وئي.

جنازي نماز کان اڳ نوحه خواني سان گڏ عزاداري به ڪئي وئي، جيئن ئي لاش آندا پئي ويا، ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي رهيو هو.

سانحي ۾ شهيد ٿي ويل نوجوان حسن شاهه جي جنازي نماز ڳوٺ جهانگي فقير ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*